حل العقود في طلاق السنود

حل العقود في طلاق السنود (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور عالم محمد جعفر بوبڪائيءَ جو تصنيف ڪيل آهي. ڪتاب ۾، طلاق ڏيڻ جا نمونا ۽ ان متعلق شرعي احڪام بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب مان ڏهين صدي هجريءَ دوران سنڌ ۾ تمدني حالتن ۽ ڳالهائجندڙ زبانن متعلق ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. هن ڪتاب مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دؤر ۾ سنڌ ۾ طلاق ڏيڻ جو مسئلو تمام اهم ۽ نازڪ معاملو هوندو هو. مخدوم جعفر بوبڪائيءَ انهيءَ مسئلي تي ان زماني ۾ جيڪي به فتوائون صادر ڪيون هيون يا جيڪي ننڍڙا رسالا لکيا هئا، تن سڀني کي هن ڪتاب ۾ درج ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ استعمال ٿيل سنڌي نثر جو نمونو، سنڌي زبان ۽ نثر نويسيءَ جو قديم نمونو آهي. مخدوم صاحب سنڌي معاشري ۾ اهڙن استعمال ۾ آيل لفظن، محاورن ۽ فقرن جي لغوي ۽ مرادي معنيٰ ڏني آهي. شرعي قانون تي فقھ جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو ويو آهي. ان وقت جي سنڌي عالمن ۽ فقھ جي ڄاڻن انهيءَ مسئلي تي پنهنجي پنهنجي نقطئه نگاهه کان جيڪي فتوائون ڏنيون آهن، انهيءَ مسئلي کي آڏو رکي مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب تصنيف ڪيو. سنڌ جي مشهور عالم ۽ محدث، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ‘تمام العناية في الفرق بين الصريح و اکناية’ ۾ هن ڪتاب جو نالو ڏنو آهي ۽ ان ۾ آيل سنڌي عبارت جو پڻ تفصيل سان بيان آندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو